درگاهه حضرت ابراهيم شاهه بهلاڻي

درگاهه حضرت ابراهيم شاهه بهلاڻي

درگاهه حضرت ابراهيم شاهه بهلاڻي

درگاهه حضرت ابراهيم شاهه بهلاڻي: هيءَ درگاهه تعلقي محرابپور، ضلعي نوشهري فيروز جي شهر بهلاڻي ۾ واقع آهي. درگاهه ڪلهوڙن جي دور ۾ تعمير ٿي، جنهن جي ٻيهر مرمت ٿيل آهي. ابراهيم شاهه ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ اهم صوفي اولياءَ ٿي گذريو آهي. سندس زندگيءَ بابت وڌيڪ احوال نٿو ملي. درگاهه کي چوديواري ڏنل آهي، جنهن اندر نمن ۽ سرنهن وغيره جا وڻ بيٺل آهن. مقبري اڳياڙيءَ ۾ اڱڻ تي قبرن جون ڪچيون بٺيون آهن، جن تي گهاٽن ۽ وڏن وڻن جو ڇانورو رهي ٿو. مقبري جي مهاڙيءَ ۾ ٽي طاق آهن، جن مان وچون طاق وڏو آهي، جنهن ۾ نوڪائين ونگ ۾ چوڪاٺي سان ڪاٺ جو در لڳل آهي. در جي مٿان ۽ پاسن وارن طاقن ۾ کسي دريون ۽ روشندان آهن، جن جي مٿين ڪنارين تي نيريون ڪاشيءَ جون سرون نصب ڪيون ويون آهن. مقبري جي باقي ٻنهي پاسن کان به مهاڙيءَ وارو ساڳيو نمونو رکيو ويو آهي. ٻيڙ ٻني واري هيٺين ڪناريءَ تي به ڪاشيءَ جي سرن سان ڊزائين ٺاهي وئي آهي. مقبري تي ڪنڊ جوڙون ڏئي اٺڪنڊو گچ رکيو ويو آهي، جنهن جي چئني طرفن کان نوڪائين ونگ سان محرابي شڪل جا کسي روشندان ٺاهيا ويا آهن. گچ تي گول گنبذ آهي، جنهن تي ننڍڙي مناري مٿان نيل نصب ڪئي آهي. درگاهه جي اندرين ديوار تي ڪجهه لکتون اڪريل آهن. ان کان سواءِ سموري ديوار تي خوبصورت نقش نگار آهن. مقبري جي اندر چئني طرفن تي نوڪدار کسي محراب آهن. مقبري اندر پنجن کان وڌيڪ قبرون آهن، جن مان هڪ موڙ سان ابراهيم شاهه جي آهي. انهيءَ مقبري جي ڀرسان ئي هڪ ٻيو مقبرو بيبين جو مقبرو سڏجي ٿو، جنهن ۾ زيارتين کي وڃڻ جي اجازت نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو